بلهي شاهه

بلهي شاهه

بلهي شاهه

بُلهي شاهه: بابا بُلهي شاهه پنجابي زبان جو مشهور شاعر ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو سيد محمد عبدالله شاهه هو، پر درويشيءَ ۽ بزرگيءَ جي ڪري، ’بُلهي شاهه‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس والد سخي محمود ”اُچ گيلان“ (بهاولپور) کان ملڪوال ۾ آيو، جتان ”پانڊو“ ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جيڪو قصور ۾ آهي. بُلهي شاهه اتي ئي جنم ورتو. (ڪن روايتن موجب اُچ شريف ۾ ڄائو هو) بُلهي شاهه جي ڄم جو سال 1104هه/ 1692ع ڄاڻايو وڃي ٿو، پر ڪجهه محققن جي خيال موجب بُلهي شاهه 1103هه/ 1691ع ۾ ڄائو هو. سندس نسبي سلسلو چوڏهين پيڙهيءَ ۾ حضرت پير عبدالقادر جيلانيرح سان وڃي ملي ٿو. بُلهي شاهه جو والد پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. هن پٽ کي پڙهائڻ سان گڏوگڏ مال چارڻ جو ڪم به سندس حوالي ڪيو. جيتوڻيڪ بُلهي شاهه جي تعليم بابت مستند احوال نٿو ملي، پر سندس استادن ۾ سندس والد کان سواءِ ٻن عالمن مخدوم غلام محي الدين ۽ خواجه غلام مرتضيٰ جا نالا ورتا وڃن ٿا. بُلهي شاهه جي ڪلام مان پتو پوي ٿو ته پاڻ عربيءَ ۽ فارسي ٻوليءَ ۽ ادب کان سٺي نموني واقف هو. بُلهي شاهه وارو دؤر مغل سلطنت جي زوال وارو دؤر هو. ان دؤر ۾ اندروني خانه جنگيءَ سبب پنجاب تي برا اثر پئجي رهيا هئا، جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي:
منهن بارهوين صدي پساريا ،
سانون هاويي دوزخ ساڙيا .
جيئن ته بُلهي شاهه جو مزاج صوفياڻو هو، جنهن سندس حساس طبيعت ۾ اضطراب پيدا ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ مرشد جي ڳولا ۾ نڪري پيو. آخر لاهور ۾ پير عنايت شاهه (آرائين) قادري شطاريءَ جي آستاني تي کيس قلبي سڪون حاصل ٿيو سندس مريد ٿي، 30 سال سندس خدمت ۾ اتي ئي گذاريائين. هو پنهنجي روحاني جدوجهد ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو، جو سڄي عمر شادي نه ڪيائين. ڄمار جو ڪجهه حصو بهاولپور، قصور، لاهور ۽ بٽالي جي علائقن ۾ رهيو. مرشد جي وفات کان پوءِ پاڻ واپس قصور ۾ آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. قصور ۾ سندس مزار تي هر سال محرم جي مهيني ۾ عرس ٿيندو آهي. بلهي شاهه جي وفات جو سال 1171هه/ 1757ع ڄاڻايل آهي .
بُلهي شاهه هڪ مقبول عام صوفي شاعر هو. جيئن ته ان وقت ملتان وارو علائقو سنڌ ۾ شامل هو، ان ڪري جيئن سنڌ جي صوفياڻي شاعري ملتان طرف مشهور هئي، تيئن بُلهي شاهه جي شاعري به سنڌ وارن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. هونئن به بُلهي شاهه جي شاعريءَ جا سرچشما اهي ساڳيا ئي هئا، جيڪي سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جا هئا، يعني قرآن، حديث، اسلام، تصوف ۽ ويدانت وارو فلسفو. اهوئي سبب آهي جو صوفياڻي ثقافت جي حوالي سان بُلهي شاهه جو ڪلام سنڌ جي ذڪر ۽ فڪر وارين محفلن ۾ ڳائجڻ لڳو. سندس ڪلام اڄ به سنڌ ۾ مقبول ۽ معروف آهي. سنڌ جو هر وڏو ۽ ننڍو فنڪار بلهي شاهه کي عقيدت سان ڳائيندو آهي .


لفظ بلهي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو